اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن غلام سرور خان،ذلفي بخاري، واثق ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آھن، علي امين گنڊاپور ۽ پرويز خٽڪ اڳواٽ ئي پوليس کي گهربل آھي

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته عوام حڪومت کان مطالبو پيو ڪري ته روڊ کولرايا وڃن

وفاقي سرڪار جي اجازت سان پوليس، ايف سي ۽ رينجرز روڊ کولرائي سگهي ٿي، روڊ بند ٿيڻ جي ڪري عوام تڪليفن کي منھن ڏئي رھيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔