سياري جو پهريون وسڪارو، موسميات کاتي جي نئين اڳڪٿي

ڪراچي، ٺٽي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو شروع ٿي ويو آهي
ڪراچي جي ملير، قائد آباد ۽ ڀر وارن علائقن ۾ تيز برسات پئي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، آرام باغ ۽ صدر ۾ به هلڪي برسات ٿي
موسميات کاتي چيو آهي ته برساتن جو نئون سسٽم اڄ رات تائين سنڌ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي ويندو، 9 نومبر تائين برساتي سسٽم موجود رهندو
موسميات کاتي موجب اڄوڪي ۽ راتوڪي برسات سان ڪراچي ۾ سياري جي شروعات ٿي ويندي، شهري پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔