هڪ منٽ ۾ 1140 ڀيرا تاڙيون وڄائڻ جو عالمي رڪارڊ، وڊيو وائرل

آئيووا: آمريڪي نوجوان هڪ خاص انداز سان هڪ منٽ ۾ 1140 تاڙيون وڃائي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هن ايتري تيزيءَ سان تاڙيون وڃايون آهن جو ڏسندڙ حيران رهجي ويا

گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهي هڪ منٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ تاڙيون وڄائڻ جو غير معمولي رڪارڊ آهي. اهو هنر 20 سالن جي ڊالٽن ميئر کي ايندو آهي، جنهن سڀ کان تيز تاڙي وڃائيندڙ هڪ شخص ڪينٽ فرينچ جي وڊيو ڏسي پاڻ به ان جي مشق شروع ڪئي. ايتري تائين جو اهو هاڻي تمام تيزيءَ سان تاڙيون وڄائيندو آهي

اهو تاڙيون وڃائڻ منهنجي لاءِ معمول جو ڪم آهي جيڪو هاڻي لاشعوري طور تي آرام سان انجام ڏيندو آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته مونکي ڪهڙي طرح تاڙيون وڃائڻيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ لاءِ مان ڪا خاص مشق نه ڪئي. ڊالٽر ميئر وڌيڪ چيو ته اها ٽيڪنڪ ڪرائي سان تاڙي وڃائڻ جو طريقو آهي جنهن جو مان ماهر آهيان

اهڙي طريقي سان هٿن کي ويجهو آڻي ڪرائين جي زور سان آڱرين سان تاڙي وڄائي ويندي آهي ۽ تيز تاڙيءَ وارا اهو ئي طريقو استعمال ڪندا آهن. ان کان اڳ ايلي بشپ نالي شخص هڪ منٽ ۾ 1103 تاڙيون وڃايون هيون، ڊالٽن هن جو رڪارڊ ٽوڙيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔