هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو، ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين: آصف زرداري

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آهي ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر اسان ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين.

پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ هر حد اورانگهي رهيو آهي، هن نه ملڪ جي سلامتي جي ڳڻتي آهن نه ادارن جي، کيس رڳو اقتدار، اقتدار ۽ اقتدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي.

آصف زرداري چيو ته ادارن جي بقا سان ئي ملڪ جي بقا آهي ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين.

هن چيو ته 1947ع کان وٺي هنيئر تائين اسان ۽ ادارن گڏجي دشمن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪنداسين، دشمن هن دفعي اندر موجود ماڻهن ذريعي حملو ڪرايو آهي.

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج جي قربانين ۽ شهادتن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، اسان دشمن جي ان سازش کي به ناڪام بڻائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔