آءِ ايس پي آر جا الزام بي بنياد آهن، عمران خان ڪڏهن به ادارن خلاف ناهي ڳالهايو: اسد عمر

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايس پي آر جا عمران خان تي الزام بي بنياد آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي اسد عمر لکيو ته آءِ ايس پي آر ڄاڻڻ چاهي ٿو ته شهيدن ۽ اداري جي توهين ڇا هوندي آهي ته هو هاڻوڪي بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل اها مشهور تقرير ٻڌي وٺي جنهن ۾ هو دعويٰ ڪري ٿو ته فوج قوم جي هڏين مان گوشت به روڙي ورتو آهي.

هن چيو ته ماڻهن تي ڪيل تنقيد کي ادارن تي تنقيد قرار ڏيڻ واري ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪيون ٿا، اداري جي اهلڪارن پاران قوم جي حفاظت لاءِ ڏنل قربانين جي ڪري ادارا محبت ۽ عزت جي حقدار هوندا آهن، پر هر هر شخص ان عزت ۽ پيار جي لائق ناهي حقدار ناهي هوندو.

اسد عمر سوال اُٿاريندي چيو ته ڪو به رڪن ڪجهه غلط ناهي ڪندو ته پوءِ کيس ڪورٽ مارشل ڇو ڪيو ويندو آهي؟ ايستائين جو جرنيل رينڪ واري آفيسرن جو به ماضي ۾ ڪورٽ مارشل ٿيو آهي، جيڪڏهن هو اهڙا ڪم ڪندا آهن جنهن تي ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو آهي ته پوءِ ماڻهن تي تنقيد ڇو نٿي ڪري سگهجي؟

هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايس پي آر جا عمران خان تي الزام بي بنياد آهن، هن ڪڏهن به ادارن خلاف ناهي ڳالهايو، پر سدائين مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، شخصيتن تي تنقيد کي اداري تي تنقيد نه سمجهيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔