اداري ۽ جوانن جي تذليل ڪرڻ واري شخص کي ڇوٽ نه ڏينداسين: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج پي ٽي آءِ سربراهه عمراخان جي دعوائن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان عمران خان جي بيان تي ردعمل سامهون آيو آهي، پاڪ فوج پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب فوج ۽ اداري جي آفيسرن کي بدنام ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ايڪشن لاءِ حڪومت کان  درخواست ڪئي وئي آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اداري ۽ آفيسرن تي بي بنياد الزام مڙهيا ويا جن جي مذمت ڪيون ٿا.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته اداري يا ان جي سپاهين جي تذليل ڪرڻ واري شخص کي کُلي ڇوٽ نه ڏني ويندي، اداري ۽ خاص طور تي فوج جي هڪ سينيئر آفيسر خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جا الزام مڪمل طور ناقابل قبول آهن، فوج انتهائي پيشواراڻو ۽ منظم ادارو هئڻ تي فخر ڪري ٿي، فوج ۾ احتساب جو هڪ اثرائتو اندروني نظام آهي پر جيڪڏهن اداري جي سپاهين ۽ آفيسرن جي عزت، سلامتي ۽ ساک کي نشانو بڻايو ويو ته ادارو پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن کي هر قيمت تي تحفظ ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔