اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن کي اهڙو سبق سيکارينداسين جو سدائين ياد رکندا: راڻا ثناءُ الله

راولپنڊي: وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فوجي آفيسرن سميت ڪنهن به کاتي جنهن تي تنقيد ۽ الزام هجن اهي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ جڏهن به ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اهڙي آگاهي عوام کي ڏيڻ گهرجي.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته  پي ٽي آءِ وارن قانون موجب پرامن احتجاج ڪيو ته اجازت هوندي، ڪنهن به جٿي کي اسلام آباد تي چڙهائي جو موقعو نه ڏينداسين،اهڙو سبق سيکارينداسين جو هميشا ياد رکندا.

وفاقي گھرو وزير جو چوڻ ھو ته آرمي آفيسرز سوڌو ڪو به ادارو، جن تي تقنيد ۽ الزامن ھجن اھو پنھنجو موقف پيش ڪري سگھي ٿو ۽ جڏھن بھ ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اھڙي آگاھي عوام کي ڏيڻ گھرجي.

هن چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم واضح آهن، عدالت پاران مقرر ڪيل هنڌ تي مڪمل سيڪيورٽي سان گڏ احتجاج جي اجازت ڏينداسين، پر امن احتجاج لاءِ حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي.

ھن جو چوڻ ھو ته ڪوڙو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان عوام کي آگاهي ملي، اسلام آباد ۾ خراب نيت رکي ايندڙن سان سختيءَ سان منهن ڏبو، ڪنھن جٿي کي اسلام آباد تي چڙھائي جي اجازت نھ ڏينداسين.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪوڙ ۽ ٺڳي جي عوام کي خبر پئجي وئي آهي، عوام کي ڪوڙ فراڊ جو بيانئيو گهوٽي پياريو پئي ويو.

هن چيو ته اينٽي ڪرپشن عمران خان جي چوڻ تي منهنجي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ اڄ پاڻ گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ گورنر راڄ جو اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو نه ئي ڪا سموري موڪلي وئي آهي، عمران خان کي گهرجي ته هو اڄ پنجاب حڪومت کي ڊسمس ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔