اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا فيصلا عوام پاڻ ڪري:عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا فيصلا هتان جو عوام پاڻ ڪري ، هن لاهور ۾ لبرٽي چوڪ کان لانگ مارچ جي شروع ڪري ڇڏي .ان موقعي تي جلسي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته هو 26 سالن جي سياسي ڪيرئير ۾ اڄ سڀ کان اهم سفر شروع ڪري رهيو آهي .هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان هن ملڪ جي حقيقي آزادي جو سفر شروع ڪريون .

سندس چوڻ هو ته منهنجو مارچ سياست  جي لاءِ نه ، اليڪشن يا ذاتي مفادن لاءِ ناهي پر رڳو هڪ مقصد آهي ته قوم کي حقيقي طور تي آزادي وٺي ڏيان ، اسان جا فيصلا واشنگٽن يا برطانيا ۾ نه ٿين  پر پاڪستان  جا فيصلا پاڪستان ۾ ٿين ۽ هتان جو عوام ئي هن ملڪ جا فيصلا ڪري .

عمران خان جو چوڻ هو ته رڳو پنهنجي ملڪ ۽ ادارن جي خاطر چپ آهيان ، هن چيو ته هو نواز شريف وانگر ڀاڳوڙو ناهي ، هن جو جيئن مرڻ هن ملڪ جي لاءِ ئي آهي ، هتي هڪ آزاد فوج چاهيان ٿو ، اسان جي تنقيد تعميري تنقيد هوندي آهي ، گهڻو ڪجهه چئي سگهان ٿو پر ملڪ جو نقصان نه ٿو چاهيان .

هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪو غير آئيني مطالبو نه ڪيو آهي ، رڳو صاف ۽ شفاف چونڊون چاهيان ٿو ،چاهيان ٿو ته عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي .

هن چيو ته مان عدليه کي چوڻ چاهيان ٿو ته اسان آئين ۽ قانون جي وچ ۾ رهي ڪري هلنداسين ،اسان  کي جتان جي اجازت مليل آهي اتي وينداسين ، ڪو قانون نه ٽوڙينداسين .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔