دُعا ڀٽو پاران حليم عادل شيخ کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو، عدالت سان رابطو

ڪراچي: ايم پي اي دُعا ڀٽو پنهنجي مڙس ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو  اپوزيشن ليڊر حليم عادل کان خلع وٺڻ لاءِ ملير جي فيملي ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

دعا ڀٽو ملير جي فيملي ڪورٽ ۾ خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

حليم عادل شيخ جي  دعا ڀٽو سان اها ٻي شادي آهي ٻنهي جي  2018 ۾ شادي ٿي هئي، جڏهن ته کين هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔