روهت ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو

سڊني: ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سپر 12 مرحلي جي يارهين ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما منفرند رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو

سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيڌرلينڊ خلاف ڀارتي ڪپتان روهت شرما پنهنجي وطن واسي يووراج سنگهه جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. روهت شرما اهڙو اعزاز 31 هين اننگز ۾ نيڌرلينڊ خلاف ٻيو ڇڪو هڻي پنهنجي نانءِ ڪيو

هن نيڌرلينڊ خلاف 53 رنز جي اننگز ۾ 3 ڇڪا هنيا. يووراج سنگهه ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا لڳائيندڙ واحد بيٽر آهي، هن اهڙو ڪارنامو ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف سرانجام ڏنو هو. اڳوڻي ڪرڪيٽر 33 ڇڪا 28 اننگز ۾ هنيا هئيا جڏهن ته روهت شرما 31 هين اننگز ۾ 35 ڇڪا لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔