پيدا ٿيس ته پٽ جي خواهش رکندڙ پيءُ 7 ڏينهن تائين نه کنيو: ثنا فخر

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ثنا فخر جنهن چوڏنهن سالن جي عمر کان شوبز جي دنيا ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ پوءِ هڪ کان پوءِ ٻيو هٽ پراجيڪٽ ڪيو

مختلف ڊرامن ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ واري ثنا بالي ووڊ ۾ به سني ديول سان ڪم ڪيو آهي. ثنا تازو هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته مان جڏهن پيدا ٿيس ته پيءُ کيس 7 ڏينهن کنيو به نه هو ڇاڪاڻ ته کيس پٽ گهرجي ها

جڏهن ته ڊاڪٽر به ماءُ کي چيو ته هيءَ ڌيءُ مونکي ڏئي هوءَ پڙهائي لکائي مونکي ڊاڪٽر ڪندي جيڪا پٽ بڻجي ڏيکاريندي. ثنا فخر جي به طلاق ڪجهه عرصو اڳ ٿي آهي جنهن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته خوشي ۽ محبت کان مٿي ڪجهه ناهي ۽ پريشان ٿيڻ کان بهتر آهي رشتي کي اتي ئي روڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔