آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آھي ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، پاڪستان ڏکيائين باوجود پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري رهيو آهي، يقين ڏياريان ٿو ته پوليس پاران امن جي لاءِ ڏنل قربانيون ضايع نه ٿينديون

وزيراعظم شهباز شريف نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پوليس دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان پنهنجو حق ادا نه ڪيو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندو

پاڪستان ڏکي صورتحال مان نڪري رھيو آھي، ٻوڏ متاثرن کي کاڌي پيتي سميت هر سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سالن کان المارين ۾ دفن اسپتال سميت ڪيترن ئي منصوبن تي سعودي وفد ۽ ولي عھد مھمد بن سلمان کان معافي ورتي، سعودي ولي عھد 12 ارب ڊالر جي آئل ريفائنري جو منصوبو کڻي پاڪستان اچي رھيو آھي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوليس دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پوليس اهلڪارن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، قوم جون ڌيئرون بھ زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رھيون آھن، قوم جون نياڻيون پاڪستانين جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔