تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ: ڪارڪن ۽ اڳواڻ گڏ ٿيڻ شروع

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي چوڪ کان پي ٽي آءِ جا قافلا پھچڻ شروع ٿي ويا آھن

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ذاتي مفادن يا حڪومت ڪيرائڻ لاءِ مارچ نه پيا ڪريون، حقيقي آزادي ماڻڻ تائين تحريڪ جاري رکنداسين

پي ٽي آءِ سربراھ موجب مارچ جو مقصد آهي ملڪ جا فيصلا هتي ٿيڻ گهرجي، نه ڪِي پرڏيهي ملڪن جا پُتلا فيصلا ڪن، ننڍڙي طبقي ملڪ تي قبضو ڪيو آهي، اُهو چوري ڪري پاڻ کي اين آر او ڏيندو آهي، شفاف چونڊن ذريعي عوام فيصلو ڪري ته ملڪ جي قيادت ڪير ڪندو؟

 ائين نه ٿئي ته پرڏيهي سازش ذريعي هتي ويٺل غدار اسان تي پُتلا مڙهن، ڪوبه ادارو قانون کان مٿي نه آهي، ارشد شريف جو ميسيج مون وٽ اڃا آهي، جنهن ۾ هُن لکيو ته سندس زندگي کي خطرو آهي

عمران خان جو چوڻ آھي تھ سڀني کي خبر آهي ته ارشد شريف جي زبان بندي جي ڪوشش ڪئي وئي، ھاڻ عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي، چورن کي گھر موڪلينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔