تيل ذخيرن جو استعمال: سعودي عرب آمريڪا تي ڪاوڙجي پيو، سخت تنقيد

رياض :آمريڪا طرفان تيل جا ايمرجنسي ذخيرا استعمال ڪرڻ تي سعودي عرب ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انکي مارڪيٽن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. سعودي جي گادي واري هنڌ رياض ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزادي عبدالعزيز بن سلمان چيو آهي ته ماڻهو پنهنجا ايمرجنسي وارا ذخيرا جاري ڪري رهيا آهن، اڳ ۾ به ڪري چڪا آهن، جنهن عمل کي مارڪيٽن تي اثرانداز ٿيڻ واري مڪينزم طور استعمال ڪيو پيو وڃي جيتوڻيڪ ان جو اصل مقصد تيل جي سپلاءِ واري کوٽ کي ختم ڪرڻ هو. هن خبردار ڪندي چيو ته اها منهنجي اصولي ذميواري آهي ت اها ڳالهه دنيا کي واضح ڪريان ته تيل جي ايمرجنسي ذخيرن ۾ کوٽ ايندڙ مهينن ۾ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. توانائي واري وزير چيو ته مونکي چيو پيو وڃي ته توهان اسان سان گڏ آهيو يا اسان جي خلاف؟ ڇا ان ڳالهه جي ڪا به گنجائش آهي؟ اسان سعودي عرب جي لاءِ آهيون ۽ سعودي عوام جي لاءِ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔