ڪمپنيون دوائن جو بحران ڪري قيمتون وڌرائڻ ۾ ڪامياب: بخار جو سيرپ ۽ گوري مهانگي

اسلام آباد : دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون پيرا سيٽامول جي کوٽ واري صورتحال پيدا ڪري قميتن ۾ اضافو ڪرائڻ ۾ ڪامياب، حڪومت ڪمپنين سان پيراسيٽامول سيرپ جي قميت ۾ 12 رپيا 80 پئسا اضافي سوڌو پيرا سيٽامول گورين جي قيمتن ۾ به واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آھي

تفصيل موجب ناڻي وزارت جي بيان مطابق ناڻي وزير اسحاق ڊار ڪالھه دوا ساز ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم جو ناڻي بابت خصوصي معاون طارق باجوا به موجود هو، اجلاس ۾ پيراسيٽامول پراڊڪٽس جي کوٽ واري صورتحال ۽ قيمتن جو جائزو  ورتو ويو، دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين پاران قيمتن ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو

جنهن بعد حڪومت 500 ايم جي پيراسٽامول جي قيمت هڪ رپيو 87 پئسا مان وڌائي 2 رپيا 35 پئسا ڪرڻ  تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ڪمپنين ان گوري جي قيمت 2 رپيا 67 پئسا قيمت مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، اهڙي طرح 500 ايم جي پيراسيٽامول ايڪسٽرا جي قيمت 2 رپيا 19 پئسن مان وڌائي 2 رپيا 75 پئسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ان پراڊڪٽ جي ڪمپنين پاران قيمت 3 رپيا 32 پئسا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ، جڏهن ته پيراسيٽامول سيرپ جي قيمت 104 رپيا 80 پئسن کان وڌائي 117 رپيا 60 پئسا مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اهڙي طرح پيرا سيٽامول سيرپ جي قيمت ۾ 12 رپيا 80 پئسا اضافو ڪرڻ تي حڪومت اتفاق ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔