اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار اهم پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم بھ ميڊيا سان ڳالھائي رھيو آھي

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون، سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو

ترجمان پاڪ فوج  موجب  ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو

ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟

ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي

ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي پاڪ فوج خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو ويو، ارشد شريف جي معاملي ۾ سلمان اقبال جو نالو ھر ھر اچي پيو، ان کي واپس آندو وڃي

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سائيفر بابت اڳوڻي وزيراعظم کي سڀ کان پهرين آرمي چيف ٻڌايو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، اسان کي وڏي حيرت ٿي جڏهن جلسي ۾ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هوا ۾ ڦڙڪايو ويو

ارشد شريف جي حياتي کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت پاران ٿريٽ الرٽ جاري ڪري کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ قائل ڪيو ويو

 سائيفر جي نالي تي پاڪ فوج خلاف سازشي بيانيو گهڙيو ويو، فوج غير قانوني ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته نيوٽرل لفظ کي گار بڻايو ويو

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو ته ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو، پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ به هن جا اسان جي آفيسرز سان رابطا رهيا، ارشد شريف وطن واپس اچڻ پئي چاهيو

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو ته ڪينيا جي پوليس جي موقف مان مطمئن نه آهيون، واقعي جي شفاف جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن مان مون پنهنجي نمائندن کي ڪڍرائي ڇڏيو، آءِ ايس آءِ پاران ماڻهن کي ڌمڪين واريون فون ڪالز ڪرڻ وارا الزام به بي بنياد آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔