عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو: ڊي جي آءِ ايس آءِ

راولپنڊي: سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي تھ پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري جي خاطر ميڊيا جي سامهون آيو آهيان

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم موجب عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو

مارچ ۾ منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي پر مون ان جو دفاع ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، پنهنجي اداري جي غازين ۽ شهيدن  جي دفاع لاءِ ميڊيا جي سامهون  آيو آهيان

پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چوڻ ھو تھ غير آئيني ڪم کان انڪار ڪنهن هڪ فرد يا آرمي چيف نه پر اداري جو فيصلو هو، مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ان ڪري ڏنا ويا جو غير آئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو

سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڇو پيون  ڪيون وڃن، بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ  اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي مدي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي

آرمي چيف ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري آڇ ٿڏي ڇڏي، سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ هُن سان ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو؟

آرمي چيف ملٽري ڊپلوميسي تحت عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو، ڪنهن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ تي ڪو به اعتراض نه آهي، احتجاج ڪرڻ هڪ آئيني حق آهي

نديم انجم جو چوڻ ھو تھ ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه پئي چاهيو، پاڪستان ۾ سندس حياتيءَ کي ڪو به خطرو نه هو، ارشد شريف جا ملڪ مان ٻاهر وڃڻ بعد به اداري سان رابطا هئا

ارشد شريف واپس اچڻ پئي چاهيو، مارچ 2021 کانپوءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ فوج يا آءِ ايس آءِ جي مداخلت جو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔