عمران خان سياست جا آخري 5 اوور ڪرائڻ وڃي پيو، نومبر ۾ آر يا پار ٿي ويندو: شيخ رشيد

ڪراچي : اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان اڄ سياست جا آخري 5 اوور ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، نومبر ۾ آر يا پار ٿي ويندو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي شيخ رشيد چيو ته مان پاڻ لبرٽي چوڪ تي ويندس ۽ لانگ مارچ ايندڙ جمعي تي راولپنڊي پهچندو

شيخ رشيد موجب اسلام آباد جي اندران عوام نڪتو ته پوءِ ڪرپٽ ٽولي کي ڀڄڻ جي به جاءِ نه ملندي، دعا آهي ته لانگ مارچ امن امان سان ٿئي ۽ آئين موجب پنهنجا مقصد حاصل ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔