ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ چمڙي جي بيماري، گئسٽرو ۽ مليريا سوڌو ٻين وبائن جا راڱا جاري

ڪراچي : ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ چمڙي جي بيماري، گئسٽرو ۽ مليريا سوڌو ٻين وبائن جا راڱا جاري، عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڌيڪ 5 ڄڻاحياتي وڃائي ويٺا، ميهڙ ۾ پيرسن عورت نازان کوسو گئسٽرو وگهي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو آھي

بخشاپور ڀرسان پيرسن سليمان چاچڙ مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ٽنڊو مستي ڀرسان رليف ڪئمپ ۾ ترسيل نوجوان معشوق جتوئي گئسٽرو سبب فوت ٿي ويو

ڀريا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ ترسيل نينگر عاشق علي ڌونئرو مليريا ۾ وڪوڙجڻ بعد فوت، روهڙي جي اسپتال ۾ پيرسن عورت فاطمه مگسي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔