ڪراچي: فيول ايڊجسٽمينٽ وصولي خلاف نيپرا کان جواب طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز لڳائڻ خلاف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاران داخل ڪيل درخواست تي نيپرا کي ٽن ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان 6 آڪٽوبر تي ڪي اليڪٽرڪ جي جواب مٿان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان پيش ٿيو. ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ طرفان عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته ڄاڻايل درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ ڪري خارج ڪئي وڃي، جنهن جي حافظ نعيم الرحمان مخالفت ڪندي چيو ته اهو عوامي مفادن جو ڪيس آهي، انهي جي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان به هتي رهون ٿا،  اسان کي به عوام جي مشڪلاتن جو اندازو آهي. ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي سبب ماڻهو ڌڪا کائي رهيا آهن، ماڻهو انصاف چاهين ٿا، ڪي اليڪٽرڪ وارا فرار جو رستو تلاش ڪري رهيا آهن ، اسان انهن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين، حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن بجلي بلن ۾ ميونسپل چارجز به لڳائي ڇڏيا آهن، ظلم ختم نه ٿيو ته اسان بل ادا نه ڪنداسين، اسان ريفرنڊم ڪرائڻ وڃون پيا، شهري ريفرنڊم ۾ شامل ٿين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔