آمريڪي شهريءَ قد ۾ 3 انچ واڌ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏیا

واشنگٽن: ڪيترائي ڀيرا ماڻهن کي پنهنجو قد ننڍو محسوس ٿيندو آهي پر اهي ان بابت ڪجهه ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن. پر آمريڪا سان تعلق رکندڙ هڪ شهري کي محسوس ٿيو ته قد ۾ ڪجهه انچن جو اضافو هن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهي ٿو ته هن هزارين ڊالر هڪ آپريشن تي خرچ ڪري ڇڏيا

40 سالن کان وڌيڪ عمر جي جان لوڊيل نالي شخص 75 هزار ڊالر (پاڪستاني پوڻا 2 ڪروڙ رپيا) پنهنجو قد 3 انچ وڌائڻ لاءِ خرچ ڪيا. هن اها رقم اڌار ورتي هئي ۽ هاڻي اهو ايندڙ 5 سالن تائين هر مهيني 12 سئو ڊالرن جي قسط ادا ڪري اهو قرض ادا ڪندو. جان لوڊيل ٻڌايو ته هن آخر تڪليف ڏيندڙ سرجري جو فيصلو ڇو ڪيو

هن چيو ته مان محسوس ڪيو هو ته ڊگهن ماڻهن لاءِ زندگي آسان هوندي آهي، ايئن لڳندو آهي ته دنيا هنن اڳيان جهڪي وئي آهي. پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ هن ٽنگن کي ڊگهو ڪرڻ جي سرجري ڪرائي هئي

هن سرجري کان اڳ سندس قد 5 فٽ 8.5 انچ هو ۽ سرجري لاءِ هڪ آن لائن بينڪ کان قرض حاصل ڪيو. جان لوڊيل چيو ته جيڪڏهن اوهان ڊگها آهيو ته ماڻهو اوهان کي مختلف انداز سان ڏسندا آهن، مونکي به هاڻي پهريان کان وڌيڪ ڌيان ملي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔