آخري ڊفينس لائين خدا واهه ٽٽڻ بعد خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو

ڪراچي : خيرپور ناٿن  شاهه شهر ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ شهر  ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو، شهري روئندا رهجي ويا

جلد شهر ٻڏي ويندو، سڄو شهر خالي ٿي ويو. شهري اوڇگارون  ڏئي روئندا رهيا، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن شهر کي بچائڻ لاء ڪي به اپاءَ نه ورتا، شهري نڌڻڪا بڻيل

ڪڪڙ وٽان ايم اين وي ڊرين کي امڪاني ڪٽ سبب سيتاروڊ کي خطرو وڌي ويو آھي، ڪڪڙ وٽان ايم اين وي ڊرين کي امڪاني ڪٽ هڻڻ سان سيتاروڊ لاءِ خطرو وڌي ويو آھي

امڪاني ڪٽ سبب سيتاروڊ، پياروڳوٺ،پاٽ شريف ۽ ٻيا علائقا متاثر ٿي سگهن ٿاٻئي  پاسي سنڌ جي 23ضلعن کي وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري، ڪيا ويا آھن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو آپريشن لاءِ ناڻي کاتي 23 ضلعن کي وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا

ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي 23ضلعن کي ڪل ھڪ ارب 11 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري ڪيا ويا

ناڻي کاتي پاران متاثرن جي مدد لاءِ اڳ به  77ڪروڙ جاري ڪيا ويا هئا

ڪراچي ۾ متاثرن لاءِ ڪيمپون قائم ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي ھڪ ڪروڙ 77 لک 50ھزار رپيا اضافي رقم جاري ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔