نيپرا بجلي جي اگهه ۾ 4 رپيا 34 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: بجلي جي قيمتن ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي ، نيپرا بجلي 4 رپيا 34 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي . نيپرا عملدارن جولاءِ جي مهيني لاءِ ايف سي اي 5 رپيا گهٽ ٿيو آهي .

جولاءِ ۾ ايف سي اي جي ايڪچوئل لاڳت  10 رپيا 98 پيسا هئي ، جولاءِ ۾ ريفرنس فيول لاڳت 4 رپيا 69 پيسا ٿئي ٿي ، ميرٽ آرڊر جي خلاف ورزي سان 7 ارب 52 ڪروڙ جو اضافي بار پيو .

عملدارن جو چوڻ آهي ته آر ايل اين جي قلت جي ڪري 6 ارب 93 ڪروڙ جو نقصان ٿيو . سسٽم جي خرابين جي ڪري 46 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان ٿيو ، سي پي پي اي  4رپيا 69 پيسا اضافو گهريو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔