ڪروڙين دلين تي حڪمراني ڪندڙ شهزادي ڊيانا جي 25 هين ورسي

ڪراچي: ڪروڙين دلين تي حڪمراني ڪندڙ شهزادي ليڊي ڊيانا کي دنيا مان وئي 25 سال ٿي ويا آهن . شهزادي ڊيانا پهرين جولاءِ اوڻيهه سئو اڪهٺ برطانيا ۾ پيدا ٿي ، کيس ننڍي لاڪون ئي فلاحي ڪمن سان دلچسپي هئي .

شهزادي ڊيانا 29 جولاءِ 1981 تي برطانيا جي شهزادي چارلس سان لائون لڌيون، سندس شهرت جو سج شهزادي چارلس سان منڱڻو ڪرڻ کان پوءِ اڀريو ۽ پوءِ شادي کان پوءِ شاهي سفر شروع ڪيو ته ماڻهن کيس خوشين ۽ خوابن جي سفر سان تعبير ڪيو جنهن کانپوءِ 2 پٽن شهزادي وليم ۽ شهزادي هيري جي ولادت ٿي ، شهزادي ڊيانا جي گهريلو زندگي ڪامياب نه ٿي سگهي جنهن ڪري هن سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو ۽ آخري گهڙي تائين هو اهو جاري رکندي رهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔