دريائي وهڪرن ۾ واڌ، گڊو ۽ سکر وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ

سنڌو جي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ جاري آهي، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي

گڊو بئراج وٽ وهڪرا وڌي 5 لک 21 هزار 645 ڪيوسڪ ٿي ويا، سکر بئراج وٽ سنڌوءَ جا وهڪرا 24 ڪلاڪن کان 5 لک 29 هزار 817 ڪيوسڪ تي بيٺل آهي

ڪوٽڙي بئراج وٽ به وچولي ٻوڏ برقرار آهي، وهڪرا وڌي 3 لک 87 هزار 992 ڪيوسڪ ٿي ويا

تونسا بئراج وٽ وهڪرن ۾ هوريان هوريان لاٿ جاري آهي، تربيلا جا وهڪرا معمول تي اچي ويا

ڪابل ندي، ڪالاباغ ۽ چشما بئراجن وٽ به درياهي وهڪرن ۾ تيزي سان لاٿ رڪارڊ ٿي آهي

ميهڙ شهر جي بچاءُ لاءِ ٺهندڙ رنگ بند سان پاڻي ٽڪرائجي ويو

ميهڙ: سُپريو بند کي گهاري جو پاڻي ميهڙ شهر جي بچاءُ لاءِ ٺهندڙ رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو

پاڻي پمپ ۽ ڀٽي روڊ کي ٻوڙڻ بعد رنگ بند تائين پهچي ويو، رنگ بند تي دٻاءُ وڌڻ سبب شهرين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي

شهرين دٻاءُ باوجود رنگ بند جي اڏاوت ۽ مضبوطي جو ڪم جاري رکيو، رنگ بند تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڀٽي روڊ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏنو ويو

پاڻي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف پکڙيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔