سکر ۽ گڊو بئراجن تي ٻوڏ سبب ڊرينيج سسٽم ڪم نه پيو ڪري: بلاول

سکر ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ڊونر ادارن ۽ سفارتڪارن جو اهم اجلاس ٿيو آهي

اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن شرڪت ڪئي

بلاول ڀٽو زرداري اجلاس کي خطاب دوران چيو آهي ته سکر ۽ گڊو بئراجن تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ سبب ڊرينيج سسٽم ڪم نه پيو ڪري، هي پهرين ٻوڏ آهي، جنهن ۾ ڪچي ۽ پڪي جا علائقا ٻڏي ويا

بلاول چيو ته صوبي ۾ وڏي پئماني تي روڊ نيٽ ورڪ ختم ٿي ويو آهي، روڊن جي بحالي تي 860 ملين رُپيا خرچ ٿيندو

هن چيو ته  اسان کي زراعت، روڊ نيٽ ورڪ، ماڻهن جو روزگار ۽ معيشت بحال ڪرڻي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔