منڇر ڍنڍ کي ڪٽ هڻڻ جي افواهن بعد ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا

سيوهڻ: منڇر ڍنڍ کي ڪٽ هڻڻ جي افواهن بعد ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا، سيوهڻ ڀرسان اڙل واهه هيڊ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو آهي

 يوسي آراضي، بوبڪ، جعفر آباد ۽ يوسي چنا جا رهواسي احتجاج ۾ شامل آهن

مظاهرين جو چوڻ آهي ته منڇر ڍنڍ کي مٿان کان ڪوبه خطرو نه آهي، اُن باوجود منڇر کي ڪٽ ڏئي ڀرپاسي جي آبادي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

ڳوٺاڻن چيو ته منڇر کي ڪٽ لڳڻ سان سيوهڻ تعلقي جون 5 يوسيز تباهه ٿي وينديون، ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ته ڳوٺاڻا سخت مزاحمت ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔