ڌاٻيجي ڀرسان ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ 3 لائينون ڦاٽي پيون

ڌاٻيجي : سنڌ جي راجداني شھر ڪراچي کي پاڻي مهيا  ڪندڙ ڌاٻيجي پمپ ھائوس  ۾ بجلي جو ڊگھو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب ھڪ ئي وقت ۾ 3 لائنون ڦاٽي ويون. ڪالهه صبح پورٽ قاسم بجلي گھر جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ڪراچي واٽر بورڊ جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو، جنهن سبب ڪراچي کي پاڻي سپلائي  ڪندڙ 72 انچ جون لائن نمبر 1 لائن نمبر 2 ۽ لائن نمبر 5 ڦاٽي پيون جنهن سبب ڪراچي جي اڪثر علائقن  کي پاڻي سپلائي  معطل ٿي وئي. پاڻي جو پريشر تمام گھڻو ھجڻ سبب پاڻي ڌاٻيجي پمپ ھائوس  پمپ ھائوس  ڪالوني  ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ ڌاٻيجي مارڪيٽ ماڊل ٽائون ۾ داخل ٿي ويو علائقي واسين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔