ميھڙ ڀرسان ڳوٺاڻن جي ٻيڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ اونڌي، 4 ڄڻا ٻڏي ويا

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان سُپريو بند کان ڇنڊ موري ويندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ اونڌي ٿي پئي، 4 ڄڻا ٻڏي ويا، علائقي واسين فوري ڪارروائي ڪندي ٻڏي ويلن کي بچائي ورتو آھي، کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻا خانگي ٻيڙي تي سوار ٿي سُپريو کان ڇنڊ موري وڃي رهيا هئا، انتظاميا ٻڏي ويلن کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت کين ٻاهر ڪڍيو

ميهڙ جي نئون ڳوٺ ۾ لڙهي ويل نوجوان جو لاش هٿ آيو، نوجوان زاهد چانڊيو دڪان تي کير کڻي وڃي رهيو هو ته ٻوڏ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويو هو

ميهڙ ڀرسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ٻن معصوم ٻارن سوڌو ٽن ڄڻن جو ٽئين ڏينهن به پتو نه پيو، انتظاميا ڳولا لاءِ ٽوٻا نه اُماڻيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔