يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل

ميھڙ/ ڪي اين شاھ :يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل ٿي ويو، پاڻي ڪي اين شاهه جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙيندو ڪولاچي موري وٽ انڊس هاءِ وي کان اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو آھي

ڪولاچي موري وٽ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب انڊس هاءِ وي تي ٽرئفڪ متاثر ٿي رھي آھي، آبپاشي اختيارين جو چوڻ آهي ته آر ڊي 12 گوزو وٽ سُپريو بند کي لڳل گهاري جو پاڻي ڪي اين شاهه باءِ پاس کي ٽڪرائڻ بعد ميهڙ جو رُخ ڪري ورتو آهي

ميهڙ شهر ۾ ٻوڏ جو الرٽ جاري ٿيڻ بعد لڏپلاڻ تيزٿي وئي آھي، شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر پاڻي اُڪاري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، لاش به پاڻي مان اُڪاري قبرستان نيا ويا، قبرستان پاڻي هيٺ اچڻ سبب لاش به دفنائڻ ڏُکيو ٿي ويو

ميهڙ ڀرسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ٻن معصوم ٻارن سوڌو ٽن ڄڻن جو ٽئين ڏينهن به پتو نه پيو، انتظاميا ڳولا لاءِ ٽوٻا نه اُماڻيا، ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند کي مضبوط  ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔