سنڌ ۾ برسات سبب وونئڻ ۽ کجي 100سيڪڙو ختم: زراعت کي 335 اربن جي نقصان جو انڪشاف

ڪراچي: برساتن سبب سنڌ جي 93 سيڪڙو زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ جو انڪشاف، ڪپهه، سارين، ڪمند، مرچ ، تر، کجي، ٽماٽي، بصر سميت ناڻي وارا فصل ۽ ڀاڄيون متاثر، رڳو خريف ۾335 .44 ارب ( 3 کرب 35ارب 44 ڪروڙ) رپين جو نقصان رڪارڊ، 14 لک 67 هزار 579 ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه جو فصل ( وونئڻ)  100سيڪڙو تباهه ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک هڪ هزار 379 ايڪڙن تي پوکيل کجي کي پڻ 100 سيڪڙو نقصان پهتو

ساريالي فصل کي 71.4، ڪمند کي  21.7، ۽ ترن کي  25 سيڪڙو نقصان رسيو. ان ڏس ۾ زراعت  کاتي جي اختيارين پاران سنڌ سرڪار  کي اماڻيل  رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال 14 لک 67 هزار 579 ايڪڙن تي ڪپهه جو فصل (ڦٽيون ) پوکيو ويو هو، جيڪو  مڪمل طور تي يعني 100 سيڪڙو ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب 205461.06 ملين جو نقصان پهتو، ساڳئي ريت هڪ لک هڪ هزار 379 ايڪڙن تي پوکيل کجي جا باغ پڻ متاثر  ٿيا، کجي جي پيداوار 100 سيڪڙو متاثر ٿيڻ ڪري آبادگارن کي 7 هزار 96 ملين رپين جو نقصان رسيو ، خريف ۾ ڪمند جو فصل 7 لک 29 هزار 582  ايڪڙن تي پوکيو ويو، جنهن مان هڪ لک 58 هزار 916 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند ختم ٿي ويو

ختم ٿيل ڪمند جي فصل جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽  ماليت 11918.7 ملين  ٻڌائي وئي آهي، سارين بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 14 لک  87 هزار 900 ايڪڙن تي  ساريون پوکيون ويون، برساتن سبب 10 لک 63 هزار 273  ايڪڙن تي بيٺل  52 هزار 100  ملين ماليت جون 771.46 سيڪڙو ساريون ختم ٿي  ويون آهن.  رپورٽ موجب ته ترن  جو فصل 32 هزار 85 ايڪڙن  تي پوکيو ويو، جنهن مان 8 هزار 254 ايڪڙن تي بيٺل 383  ملين ماليت جا  تر ختم ٿي ويا. رپورت موجب  سنڌ ۾ ٽماٽو 59  هزار  575 ايڪڙن تي پوکيو ويو، جنهن مان 30  هزار 979 ايڪڙن تي بيٺل 6 هزار 939 ملين ماليت جو  52 سيڪڙو ٽماٽو به ختم ٿي ويو آهي، خريف جي مند جون مختلف ڀاڄيون 56 هزار 287 ايڪڙن تي پوکيون ويون، 3 هزار 589 ملين ماليت جون 54 سيڪڙو يعني 44 هزار 873 ايڪڙن  تي پوکيل ڀاڄيون  خراب ٿي ويون آهن

مرچن جي  63  هزار 426 ايڪڙن تي پوکي ڪئي وئي، جنهن مان 68 سيڪڙو يعني 75 هزار 321  تي بيٺل 12 هزار 537 ملين جا مرچ سڙي ختم ٿي ويا، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي ۾ بصر هڪ لک 51 هزار 229 ايڪڙن تي پوکيو ويو هو، جنهن مان 48 سيڪڙو يعني 75 هزار 321 ايڪڙن تي بيٺل 18 هزار 77 ملين ماليت جو بصر ختم ٿي ويو . جڏهن ته مختلف ڀاڄين ميواتن ۽ فصل بابتن  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ لک 95 هزار 780 ايڪڙن تي مختلف فصل ميوات ۽ ڀاڄيون پوکيون ويون، جن کي 93.3سيڪڙو نقصان رسيو، جنهن سان  17 هزار 337 ملين جو نقصان ٿيو آهي

زراعت کاتي جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مجموعي طور تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 3  کرب 35 ارب، 44 ڪروڙن جو  نقصان ٿيو آهي. ٻئي طرف آبادگارن سنڌ ۾ زراعت کي اربين رپين جي پهتل نقصانن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي آبادگارن کي في ايڪڙ تي 50 هزار رپيا  بِنا وياج جي قرض ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان حوالي سان ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي  “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي

سنڌ جا آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا  آهن،  هن چيو ته اسانجو سرڪاري انگ اکرن کان به وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، سنڌ سرڪار آبادگارن کي ربيع جي فصل کان اڳ 50 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان بِنا وياج جي قرض ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو هاري ۽ آبادگار ڪيترن سالن تائين پنهنجن پيرن تي بيهي نه بيهي سگھندو. هن چيو ته  سنڌ سرڪار جي هاڻوڪي رليف پاليسي مان مڪمل طور تي غيرمطمئن آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔