جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ کي پاڻي جو گهيرو، شهر خالي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آهن، بندن، سم نالن ۽ واهن کي گهارا لڳڻ بعد جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي

جنهن سبب ٽنهي شهرن کي خالي ڪرڻ جو الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهاري جو پاڻي قبو سعيد خان شهر ۾ داخل ٿيڻ بعد شهرين کي خوف ورائي ورتو آهي. تفصيل موجب بدين، سانگهڙ ۽ ميهڙ ۾ نئون ٻوڏ وهڪرا وڌيڪ بستيون ٻوڙڻ پهچي ويا آهن،  دادو ضلعي ۾ ٻوڏ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي، سپريو بند کي لڳل گھاري جو پاڻي ميھڙ طرف تيزي سان وڌي رھيو آھي

ميھڙ ڪاڇي جا سوين ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن پاڻي ميھڙ تعلقي جون وڌيڪ 6 يونين ڪائونسلن کي ٻوڙي ميھڙ سٽي کي اچي لڳندو ميھڙ شھر کي بچائڻ لاء شھر جي چوڌاري 8 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مفاصلي تي رنگ بند ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ميھڙ ۾ رنگ بند ڏيڻ لاء مشينري ڪم شروع ڪري ڇڏي آھي مشنري ۽ انتظاميه پاران ڪم ۾ سستي ھجڻ سبب ۽امڪاني ٻوڏ جي خوف ھجڻ ڪري شھري توڙي ميھڙ تعلقي جي سوين ماڻھن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي جڏنھن ته ڪيترائي غريب پورھيت ۽ مزدور ماڻھن پنھنجا اجھا ڇڏي اچي ميھڙ باء پاس انڊس ھاء وي تي کلي آسمان ويھي رھيا آھن آھن انتظاميه پاران ڪنھن بہ قسم جي ڪا واھر نه ڪري سگھي آھي

خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ لال بخش واڍا سامهون سپريو بند کي گذريل رات کان پيل گهارو بند نه ٿيو پيل گهارو هڪ سو فوٽ کان وڌي 1000 فوٽ ٿي ويو 24 ڪلاڪن کان وٺي گهاري واري هنڌ نه انتظاميا پهتي نه ئي چونڊيل نمائنده پهتا گهاري واري پاڻي تاريخي شهر گوزو، ڳوٺ لال بخش واڍو، ڳوٺ بهادپور، ڳوٺ ماڻو خان چانڊيو،ڳوٺ پيڄاهو،ڳوٺ ابراهيم چانڊيو، ڳوٺ شهداد کوسو،ڳوٺ عبدالله کوسو  سميت هڪ سو کان مٿي ننڍا وڏا ڳوٺ ٻوڙي پاڻي تيزي سان خيرپورناٿن شاھ شهر ۽ انڊس هاء وي ڏانهن وڌڻ لڳو ڪيڏي مهل به خيرپورناٿن شاھ شهر ٻڏي سگهي ٿو ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين ملائيندڙ انڊس هاء وي ڪٽجي سگهي ٿو ٻوڏ جو ڌي شهرين ۾ خوف حراس ڇانيل آهي سوين ڳوٺاڻن ۽ شهرين جو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ جاري آهي ٻي طرف ايم اين وي ڊرين ( ڇنڊڻ جي ٻنهي ڪپرن تي پاڻي جو دٻاء وڌندو پيو وڃي

اوڀر طرف ايم اين وي ڊرين ( ڇنڊڻ) ٽٽو ته به خيرپورناٿن شاھ شهر کي ٻڏڻ جو خطرو وڌندو پيو وڃي ڳوٺ ڪنب شيخ سامهون ايم اين وي ڊرين جو موري ٻن ڏينهن کان وٺي کليل رهيو جنهن پاڻي پڻ خيرپورناٿن شاھ ڏانهن پيو وڌي شهرين جو ساھ مٺ ۾ آهي ڪيترن راتن کان وٺي ماڻهون خوف کان جاڳي گذارڻ تي مجبور آهي ڪمزور بندن تان انتظاميا توڙي چونڊيل نمائنده غائب آهن خيرپورناٿن شاھ جو عوام اڪيلو ۽ ننڌڻڪائپ جو شڪار آهن ڪير والي وارث نه رهيو. جڏهن ته پاڻي جوهي کان رڳو 3 ڪلوميٽر پري رهجي ويو آهي جنهن سبب جوهي شهر کي به خطرو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔