دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ ٿريٽ الرٽ، لڏپلاڻ

ڪراچي : ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران  ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ بعدخيرپور ناٿن شاهه  شهر مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي وئي، شهري اباڻا اجها خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا آھي، 90 سيڪڙو شهر خالي ٿي ويو آھي، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا غائب رھيا

دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيا ويا، صورتحال خراب آهي، ڪنهن به وقت پاڻي شهرن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ڊي سي پاران شهرن توڙي ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن کي محفوظ منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي

بچاءَ بندن، دادو، جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آھي، سُپريو بند کي ڳوٺ بهادرپور وٽ لڳل گهارو ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڌي هڪ هزار فٽ ٿي ويو

ڪي اين شاهه لاءِ ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ بعد شهرين طرفان ڌڙاڌڙ لڏپلاڻ ٿي، سُپريو بند کي مختلف هنڌن تي لڳل گهارن جو پاڻي ميهڙ شهر ڏانهن وڌڻ لڳو، ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ٻڌڻ جو ڪم سستي رفتاري جو شڪار رھيو

 ايم اين وي ڊرين کي مختلف هنڌن تي گهارن ۽ جوهي برانچ کي لڳل ڪٽ بعد پاڻي جا وهڪرا ڳوٺ ٻوڙي جوهي دادو روڊ سان ٽڪرائجي ويا، پاڻي مختلف پاسن کان جوهي شهر ڏانهن وڌڻ لڳو، جوهي واسي شهر بچائڻ لاءِ رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔