پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي قسط منظور، آءِ ايم ايف پاران اعلان جاري

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي قرض پروگرام بابت اعلان جاري ڪري ڇڏيو آهي .

آءِ ايم ايف جي اعلان موجب قرض پروگرام ۾ جون 2023 تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي ، پاڪستان لاءِ قرض پروگرام 6 ارب ڊالر کان وڌائي ساڍا 6 ارب ڊالر ڪيو ويو آهي ، آءِ ايم ايف جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي قسط منظور ڪئي وئي آهي . آءِ ايم ايف جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي چيلينج آڏو آهن، پاڪستان کي توانائي جا نقصان گهٽ ڪرڻا پوندا  ۽ ٽيڪس آمدن وڌائڻي پوندي .

آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي مارڪيٽ جي بنياد تي ايڪسچينج ريٽ يقيني بڻائڻو پوندو، ڪاروبار ڪرڻ جو ماحول بهتر بڻائي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ اضافو بهتر قدم آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔