ملڪ ۾ ٻوڏ سبب 1100 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد: ملڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا آهن.

نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جنهن کانپوءِ ٻوڏ سبب ۽ برساتن جي ڪري مارجي ويلن جو انگ 1136 ٿي ويو آهي .

اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 10 لک 51 هزار 570 گهرن کي نقصان پهتو جڏهن ته ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري هن وقت تائين 7 لک 35 هزار 375 جانور به مري ويا آهن .

رپورٽ موجب برساتن ۽ ٻوڏ دوران هن وقت تائين 162 پلن کي نقصان پهتو آهي، 72 ضلعا بري طرح متاثر ٿيا آهن جڏهن ته مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ کان سڌو سنئون متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔