شهباز شريف ۽ نواز شريف کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيل سيد ظفر علي شاهه جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي خارج ڪئي.

عدالت جو چوڻ آهي ته هي درخواست اڃا به ٻڌڻي هيٺ آهي، توهين عدالت جي درخواست هتي ٻڌڻي جوڳي ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف بابت عبوري حڪمنامو جاري ڪيو، حڪمنامي ۾ وفاقي حڪومت جي لاڳو شرط ختم ڪئي وئي، نه ئي وفاقي حڪومت ۽ نه ئي نيب ان حڪمنامي کي چئلينج ڪيو، انڪري لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملو ٻڌڻ هن عدالت جو اختيار ناهي.

واضح رهي ته وڪيل سيد ظفر علي شاهه پٽيشنر طور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته  نواز شريف بيماري جي علاج لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان پرڏيهه ويو هو، نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ لاءِ شهباز شريف حلفي بيان جمع ڪرايو هو.

درخواست گذار استدعا ڪئي ته نواز شريف مختلف کي مختلف عدالتن اشتهاري قرار ڏنو، شهباز شريف ۽ نواز شريف خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، عدالت نواز شريف جي واپسي لاءِ حڪم جاري ڪري.

درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، وفاقي گهرو وزير ۽ پرڏيهي وزارت کي ڌر بڻايو ويو هو.

درخواست ۾ رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض واريوويو ته حلفي بيان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو تنهنڪري درخواست پڻ اتي ٻڌي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔