گڊو ۽ سکر بئراج تي سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

سکر ؛ گڊو ۽ سکر بئراج تي سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، تونسا بئراج تي چاڙهه بعد وهڪرا 6 لک 22 هزار 95 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا

 تونسا جي وهڪرن ۾ 18 ڪلاڪن دوران 22 هزار ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ، گڊو بئراج تي سنڌوءَ جا وهڪرا 5 لک 12 هزار 595 ڪيوسڪ ٿي ويا

سکر بئراج وٽ درياهه جا وهڪرا 5 لک 30 هزار 750 ڪيوسڪ برقرار آھي، نوشهر وٽ ڪابل نديءَ جي وهڪرن لاٿ شروع، ڪابل نديءَ تي انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪوٽڙي بئراج تي چولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔