شوڪت ترين آڊيو ليڪ، آءِ ايم ايف ڏانهن خط لکڻ جي هدايت

اسلام آباد: ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جي پنجاب ۽ ڪي پي جي ناڻي وارن وزيرن سان مبينا ڳالهه ٻولهه واري آڊيو ليڪ ٿي آهي

شوڪت ترين ٻنهي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ليڪ ٿيل آڊيو موجب شوڪت ترين چئي رهيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻو آهي ته ٻوڏ جي تباهين سبب توهان سان ڪيل وعدو پورو نه ٿا ڪري سگهون

شوڪت ترين چئي رهيو آهي ته آءِ ايم ايف هنن تي دٻاءُ وجهندي ۽ هنن کي مني بجيٽ پيش ڪرڻي پوندي

پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري سوال ڪيو ته ائين ڪرڻ سان رياست يا ملڪ کي ڪو نقصان ته نه ٿيندو؟

شوڪت ترين کيس جواب ڏنو ته  هنن چيئرمين سان جيڪو ڪيو ان سان رياست کي نقصان نه پهتو؟ رياست جي نالي تي بليڪ ميل نه ٿينداسين

شوڪت ترين ٻنهي صوبائي وزيرن کي آءِ ايم ايف ڏانهن خط لکڻ جي هدايت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔