جوھي شھر ٻڏڻ جو خطرو، هر پاسي پاڻي ۽ تباهي آهي، حڪومت وٽ خيما ۽ راشن ناھن: مراد علي شاهه

ڀان سيد آباد:  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ جوهي شهر کي شديد خطرو آهي، جوهي مان لڏپلاڻ لاءِ ٻيڙيون دادو ۾ موجود آهن، 2 هيليڪاپٽرز به پهچي رهيا آهن

مراد علي شاھھ چيو تھ بدين ۾ ايل او ڊي کي گهارو لڳڻ بعد هنگامي بنيادن تي لڏپلاڻ ڪرائي پئي وڃي، ماڻهن جون حياتيون بچائڻ پهرين ترجيح آهي، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 21 فُٽ ٿي وئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه ڀان سيد آباد ۽ منڇر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ پنهنجي طور ڪٽ نه پيا ڏنا وڃن، آئون يا چونڊيل نمائندا ڪٽ جا فيصلا نٿا ڪن

مراد علي شاھھ چيو تھ آبپاشي انجنيئرز فيصلا ڪن پيا ته پاڻي کي ڪٿان نيڪال ڪرڻو آهي، سڄي سنڌ جي حالت خراب آهي

وڏي وزير چيو تھ لاڙڪاڻي شهر مان به پاڻي نيڪال نٿو ٿئي، هر پاسي پاڻي ۽ تباهي آهي، خيما ۽ راشن آهن ئي ڪونه، بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي سزا ڏئي رهيا آهيون، بي آءِ ايس پي ۾ ڪٽوتي ڪندڙن کي جيلن ۾ وجهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔