آءِ ايم ايف جو اڄ اجلاس، پاڪستان کي قرض ملڻ جو آسرو  

واشنگٽن: آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس اڄ واشنگٽن ۾ ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي ستين ۽ اٺين جائزي بعد اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي.

معاهدي جي منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي فوري طور هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ٿيڻ سان رڪيل پروگرام بحال ٿي ويندو.

ذريعن موجب پاڪستان طرفان پروگرام ۾ جي مدي ۾ هڪ سال ۽ قرض جي رقم ۾ هڪ ارب ڊالر واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

بورڊ جي اجلاس ۾ سعودي عرب جي قرض جي ڪوٽا پڻ پاڪستان کي ڏيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔