دوست ملڪ ، سمنڊ پار پاڪستاني ۽ سرندي وارا ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن : آرمي چيف

راولپنڊي: چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ،دوست ملڪن ۽ سرندي وارن کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر ) موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان جي سرندي وارن ۽ پوري قوم کي وڌ کان وڌ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ان سان گڏو گڏ هن وفاقي ، صوبائي حڪومتن ۽ دوست ملڪن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جي درخواست ڪئي آهي .

چيف آف آرمي اسٽاف چيو آهي ته هو ڪجهه ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي ، بلوچستان کانپوءِ هو سنڌ جي شهر خيرپور پهتو آهي جتي تمام گهڻي تباهي ٿي آهي . هن چيو ته هلندڙ سال ٻوڏ سبب تمام وڏي تباهي آئي آهي ، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ماڻهن جي بحالي ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا .

هن چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ، پاڪستان آرمي ، نيوي، ائير فورس ۽ فلاحي ادارا ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ماڻهن کي رليف پهچايو وڃي ، هن چيو ته اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر فيڊرل گورنمينٽ، صوبائي گورنمينٽ ۽ آرمڊ فورسز جا وسيلا محدود آهن.

آرمي چيف چيو ته مان پنهنجي مڙني پاڪستاني سرندي وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو انهن مشڪل گهڙين ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪن ،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔