سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب وڏي تباھي آئي آھي، ھفتي اندر 25 ارب رپيا متاثرن ۾ ورھائينداسين:وزيراعظم

جعفرآباد :وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تھ سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي، سنڌ ۾ درياهه چئني پاسن کان تباهي مچائي رهيو آهي، نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي

جعفرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي شھباز شريف چيو تھ ترڪي کان امدادي سامان جا جهاز ڪراچي پهچن پيا، يو اي اي کان به امدادي سامان پهچي رهيو آهي

وزيراعظم شهبازشريف موجب هڪ هفتي ۾ 25ارب رپيا متاثرن ۾ ورهائينداسين، برطانيا ڏيڊ ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو آهي، ڪروڙين ڀينرون ۽ ڀائر مدد جا منتظر آهن

وزيراعظم چيو تھ ڳوٺن جا ڳوٺ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، ٻوڏ کي الزامن ۽ ڳالهين سان نه ٿو روڪي سگهجي

 وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ ھو تھ 50هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، 75سال ٿي ويا آهن پر پاڪستان پيرن تي بيهي ناهي سگهيو

 وزيراعظم چيو تھ  آرمي چيف ۽ ايئر چيف سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي،ڪيترائي هيلي ڪاپٽر فيلڊ ۾ آهن، بلوچستان توڙي سنڌ جي ماڻھن کي اڪيلو نھ ڇڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔