ڀان سيد آباد لڳ ٻيڙي اونڌي: 10 ڄڻا ٻڏي فوت

ڀان سيد آباد لڳ درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو، ريسڪيو ٽيمن 4 ڄڻن کي زنده بچائي ورتو

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڳوٺ بلاولپور واسي ٽلٽي وڃي رهيا هئا ته ٻيڙي درياهه ۾ اونڌي ٿي پئي

حادثي جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 10 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، چئن ڄڻن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته بيهوشي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال منتقل، ٻڏي ويل ٽن ڄڻن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔