حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

حيدرآباد : حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ڊويزن ۾  مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب حيدرآباد جي سمورن ضلعن ۾ 28 آگسٽ تي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي

ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان ۽ جوهي سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، ماڻھن جا گھر ڊھي  پيا آھن، علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب برسات کي نظر ۾ رکندي في الحال 28 آگسٽ تي ٿيندڙ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔