سمارٽ فون پاڻي ۾ ڪري پئي ته ڇا ڪجي؟

اڄوڪي دور ۾ سمارٽ فون هر انسان جي اهم گهرج آهي ۽ اسان ان جي سحر ۾ جڪڙجي چڪا آهيون.

سمارٽ فون اڄ پڪن پوڙهن کان ويندي ٻارن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن.

هونئن اها ته عام ڳالهه آهي ته جيڪڏهن اسان ڪنهن شئي جو استعمال ڪندا آهيون ته ان جي خراب ٿيڻ جو خدشو پڻ هوندو آهي.

اهڙي ئي صورتحال سمارٽ فون سان به آهي.

عام طور تي ننڍرا ٻار موبائيل جو استعمال ڪرڻ وقت گهڻو احتياط ناهن ڪندا ۽ اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته هو فون پاڻي ۾ ڪيرائي ڇڏيندا آهن.

انڪري ئي اڄ اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته جيڪڏهن توهان جو موبائيل پاڻي ۾ ڪِري پوي ته اهو ڪيئن ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن موبائيل پاڻي ۾ ڪري پوي ته سڀ کان پهرين ان جو پاور آف ڪري ڇڏيو، سم ۽ ميموري ڪارڊ فون مان ڪڍي وٺو ۽ موبائيل کي ڪنهن اهڙي هنڌ تي رکو جتي اُس جي تپش هجي ته جيئن فون اندر موجود پاڻي سڪي وڃي.

ان کان سواءِ  توهان هارڊ ڊارئير ذريعي به موبائيل ۾ پيل پاڻي سڪائي سگهو ٿا.

هڪ ٻيو دلچسپ طريقو به آهي جنهن بابت گهڻي قدر واهپيدارن کي ڄاڻ نه هوندي.

چانور جيئن ته اسان سڀني جي گهر ۾ موجود هوندا آهن ۽ اسان مان اهو ڪوبه ناهي ڄاڻيندو ته موبائيل فون چانورن ۾ رکڻ سان ان جي گهم سڪي ويندي آهي.

ان سڄي عمل کي مڪمل ڪرڻ بعد موبائيل کي دُڪان تي لازمي طور کڻي وڃو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔