سدره بتول پاران اسلامي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو اعلان

پاڪستاني اداڪارا سدرا بتول حجاب پهري رڳو اسلام تي ٺهندڙ ڊرامن ۾ ڪم ڪرن جو اعلان ڪيو آهي.

سدرا بتول پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي سوالن ۽ جوابن جو هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان پڇيل سوال جا جواب ڏنا.

سيشن دوران هڪ مداح طرفان سدرا بتول کان سوال ڪيو ته توهان ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

جنهن تي اداڪارا نه ۾ جواب ڏيندي چيو ته اڄ کانپوءِ مان رڳو الله لاءِ ڪم ڪنديس،  جيڪڏهن ڪو ڊرامو اسلام بابت ٺهندو ته  ڪم ڪنديس.

سدرا بتول ٻين سوال جا جواب ڏيندي چيو ته تبديلي ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي، اڳتي حجاب پهري ڪم ڪنديس، ڪنهن چيو آهي ته اسان ائين نٿا ڪري سگهون .

پنهنجي انسٽاگرام تان ويڊيو ڊيليٽ ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته مون سمورا ريلز انڪري ڊيليٽ ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ائين ڪري مان خدا کي ناراض ڪري رهي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔