روز ٽيلر : آءِ پي ايل جي هڪ ميچ ۾ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ تي ٽيم مالڪ چماٽون وهائي ڪڍيون

نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان روز ٽيلز آءِ پي ايل بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.

روز ٽيلر پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو هڪ ميچ دوران ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ تي فرنچائز راجسٿان رائلز جي مالڪ چماٽون هنيون.

اڳوڻي ڪيوي ڪپتان پنهنجي ڪتاب ۾ ٻڌايو ته ٽه چار ٿڦون هڻڻ بعد ٽيم جي مالڪ چيو ته توهان کي ملين ڊالرن جي رقم ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ لاءِ ناهي ڏني.

روز ٽيلز وڌيڪ چيو ته چماٽو تيز نه هنيو پر پروفيشنل ماحول ۾ ائين سوچي به نٿو سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔