بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهي، 3 ڊيم ٽٽي پيا، فوتين جو انگ 180 کان وڌي ويو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن سبب ڪيترن ئي ضلعن ۾ سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، قلعي عبدالله ۾ 3 ڊيم ٽٽي پيا ۽ ڪيترائي روڊ تباهه ٿي ويا، جڏهن ته فوتين جو مجموعي انگ 180 کان وڌي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران لسٻيلي، پشين، چمن، قلعي عبدالله، زيارت، هرنائي، دڪي، سنجاوي، لورالائي، فورٽ منرو، بارکان، زوب ۽ شيراني جي علائقن ۾ برسات پئي.

پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب جمعي جي رات دير تائين قلعي عبدالله ۾ ٻوڏ سبب 6 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ پهرين جون کان جاري برساتن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوتين جو مجموعي انگ 182 ٿي ويو
آهي.

لسٻيلي ۾ وندر درياهه ۾ ٻوڏ کانپوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سان ڪيترائي خاندان بي گهر ٿي ويا، ريسڪيو ٽيمن متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو.

لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر مراد ڪاسي موجب گذريل ڪجهه ڏينهن کان مسلسل جاري رهندڙ برساتن سبب وندر ۽ اوٿل ۾ ندين، نالن ۽ ڪينالن ۾ ٻوڏ آهي، تيز برساتن سبب آر سي ڊي روڊ ۽ اوٿل پل به وهي وئي آهي، احتياطي قدمن طور اسان رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان جي رپورٽ موجب قلعي عبدالله ۾ 3 ڊيم وهي ويا ۽ ڪيترائي روڊ تباهه ٿي ويا آهن.

مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته برساتن ۾ سون جي انگ ۾ چوپايو مال به مري ويو آهي، جڏهن ته فصلن کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي.

ڪوئيٽا – ڪراچي شاهراهه تي ٽريفڪ ڇنڇر جي ڏينهن معطل آهي، جڏهن ته بلوچستان جو سنڌ سان رابطو ڪٽيل آهي، ٻوڏ جي پاڻي سبب چمن ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ ٽرين سروس به متاثر ٿي آهي.

قلات جي ڊپٽي ڪمشنر دائود خلجي موجب نيشنل هاءِ وي تي اٿل جي علائقي لنڊا ڀرسان تازو قائم ڪيل متبادل روڊ به ٻوڏ ۾ وهي ويو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي طوفاني برساتن سان قلعي عبدالله، چمن، لسٻيلي ۽ مسلم باغ ۾ ٿيندڙ وڏي نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور ريسڪيو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔