يورپي ملڪ مونٽي نيگرو ۾ هٿياربند جي فائرنگ، 11 ڄڻا قتل

اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ هٿياربند همراهه پنهنجي گهر ۾ رهندڙ هڪ عورت ۽ سندس ٻن ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد گهٽي مان گذرندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني.

اختيارين موجب جوابدار پنهنجي گهر ۾ ترسيل ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد گهٽي مان گذرندڙ ستن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد هڪ مقامي شخص  کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته في الحال حملو ڪندڙ طرفان ان سنگين قدمن پٺيان لڪل سببن پتو ناهي پئجي سگهيو ، جڏهن ته واقعي بابت جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔