5 آگسٽ 2019 تي ڀارت جا کنيل قدم جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن: وزيراعظم/ صدر

ڪراچي: ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي وزيراعظم ۽ صدر عارف علوي پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي . وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل غير انساني فوجي محاصري کي ٽي سال ٿي ويا آهن ، ڀارت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي قراردادن ۽عالمي قانونن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي .هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ، صدر مملڪت عارف علوي جو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڻ هو ته والاريل ڀارتي فوج ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي . هن چيو ته هو حق خود اراديت لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو . هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت جا کنيل قدم جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔